راڳي استاد ظفر علي خان

راڳي استاد ظفر علي خان

استاد ظفر علي خان

استاد ظفر علي خان: مشھور موسيقار ۽ راڳي استاد ظفر علي خان پھرين مارچ 1946ع تي ڪلومل بلڊنگ جهونا مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ استاد قدرت الله خان جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڪراچي جي کتري محلي واري اسڪول مان ورتي، جڏهن ته مئٽرڪ اوکائي ميمڻ اسڪول کارادر مان پاس ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي جناح ڪاليج ڪراچيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. راڳ کيس ورثي ۾ مليو، ڇاڪاڻ جو سندس والد، ڏاڏو توڙي پڙ ڏاڏو سنگيت جي دنيا جا وڏا نالا رهيا آهن. هن ڇھن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ پنھنجي وڏڙن کان راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي، اهڙيءَ طرح هن ڳائڻ جي باقاعده شروعات 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ کان ڪئي، ريڊيو تي کيس پروڊيوسر جميل زيديءَ متعارف ڪرايو ۽ جلد ئي 1971ع ۾ مشھور اردو قومي گيت ’يارب ميري وطن ڪا يي پرچم بلند رکنا‘ کيس وڏي مقبوليت ڏني. ان کانپوءِ ريڊيو تي پنجاهه کان وڌيڪ ڪلامن کي سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. ان دوران 1971ع ۾ ريڊيو تي سنڌي سروس شروع ٿي، جتي شروعاتي گلوڪارن ۾ استاد ظفر علي خان به شامل هو، جنھن پھريون سنڌي ڪلام ’ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندو سانءِ‘ ڳايو ته تمام گهڻي مڃتا مليس ۽ هر هنڌ تمام گهڻو مشھور ٿيو. اهو ڪلام پروڊيوسر نثار ميمڻ رڪارڊ ڪيو هو. ان کانپوءِ استاد ظفر علي خان پروڊيوسر خواجه امداد علي سان گڏجي ڊرامن جي لاءِ ڪلام ڪمپوز ڪيا. ان کان اڳ 1968ع ۾ فلم ’پيار ڪي جيت‘ جي ميوزڪ ترتيب ڏنائين، جنھن ۾ رونا ليلى جي آواز ۾ ڳايل گانو ’ديکو جي سما يه سھانا هي، هونٽون په پيار ڪا ترانا هي‘ سپر هٽ گيت ثابت ٿيو. اردو فلمن ۾ بواءِ فرينڊ ۽ بليڪ اسٽريٽ ۾ رونا ليلى ۽ احمد رشدي سان گڏ ڳايائين ۽ موسيقي ترتيب ڏنائين. ان کانسواءِ هن سنڌي فلمن ’لڄ رک‘، ’ڌرتي دل وارن جي‘، ’پوتي ۽ پڳ‘ جي موسيقي پڻ ترتيب ڏني. استاد ظفر علي خان اردو ۽ سنڌي فلمن کان سواءِ هڪ پشتو فلم ’شيرين فرهاد‘ جي ميوزڪ ترتيب ڏني ۽ پاڻ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڳائيندو رهيو. استاد ظفر علي خان جي موسيقيءَ ۾ ملڪ جي وڏن گلوڪارن ڳايو، تن ۾: مهدي حسن، محمد يوسف، عابده پروين، سينگار علي سليم، مھناز، سجاد علي ۽ ٻيا شامل آهن. استاد ظفر علي خان کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترن ئي ادارن انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو، جن ۾ پي. ٽي. وي نيشنل اوارڊ 1998ع ۽ پي. ٽي. وي نيشنل اوارڊ 2002ع (ٻيو ڀيرو)، بھترين موسيقار طور مليو. جڏهن ته اردوءَ جي پروگرام ’سا ري گا‘ ۾ ٻه ڀيرا پي. ٽي. وي اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي اوارڊ شامل آهن. استاد ظفر علي خان 1973ع ۾ استاد عاشق علي خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. استاد ظفر علي خان NAPA ۾ ڪلاسيڪل راڳ جا ڪلاس پڻ وٺندو هو، جتي سنگيت جي حوالي سان سندس ڪيترائي شاگرد پيدا ٿيا. سڄي عمر فن جي خدمت ڪندڙ سنڌ جي عظيم راڳي ۽ موسيقار استاد ظفر علي خان 2 جنوري 2011ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ جي هڪ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


لفظ استاد ظفر علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.03.01  عيسوي

راڳي استاد ظفر علي خان پهرين مارچ 1946ع تي ڪلومل بلڊنگ جھونا مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ استاد قدرت الله خان جي گھر ۾ جنم ورتو.


2011.01.02  عيسوي

استاد ظفر علي خان 2 جنوري 2011ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ جي هڪ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

منظور سخيراڻي
سترام روهڙا
سينگار علي سليم
ديوان موتيهار
غلام شبير سمو
حيدر علي
شفيع محمد جمن
ڀاڳچند پنجابي
چندر (ماسٽر چندر)
رونا ليليٰ
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون